welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺارو شاهه ويجھو زمين جي مالڪيءَ تان رتو ڇاڻ نوجوان گوليون هڻي قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ

ٺارو شاه:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ لعل بخش ڪهلو ۾ زمين جي تڪرار تان ڪلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙو ٿي پيو، جنھن ۾گوليون لڳڻ سبب ھڪ نوجوان نظهير ڪلو قتل ٿي ويو، جڏھن ته نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ڌرين ۾ چڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڌريون مورچابند ٿي فائرنگ ڪنديون رهيون. اطلاع ملڻ تي ٺاروشاھه پوليس واقعي واري ھنڌ تي پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽمارٽرم لاءِ درٻيلو اسپتال پھچايو. جتي مقتول نوجوان جي پيءُ محمد بخش ڪلو ٻڌايو ته وڏيري امين ڪلو محمد ڪلو اڪبر ۽ غلام محمد ڪلو وارن سان اسان جو زمين جو تڪرار هلندڙ هو اڄ زمين تي فصل کي پاڻي ڏين لاء پھتاسين ته ھنن اسان مٿان سڌي فارنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ گولي لڳڻ سبب منھنجو نوجوان پٽ نظير ڪلو قتل ٿي ويو آھي، حملو ڪندڙ ڌر مٿان تر جي زميندارن جو ھٿ آھي. پوليس قتل واقعو ٿيڻ باوجود بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رھي آھي. ھن چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوسٽمارٽرم نڪيو ويو آھي پٽ گولي لڳڻ سبب قتل ٿيو آھي ڊاڪٽر بااثرن جي چوڻ تي قتل ڪارڻ کي مٽائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ڪري رھيا آھن، ھن ڊي آءِ سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته ايس ايچ او ٺاروشاھه رانا جمشيد راجپوت ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڀاري پوليس نفري وٺي واقعي واري ھنڌ پھچي ڪاروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري فارنگ جو سلسلو بند ڪرائي پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ بعد لاش کڻي پوسٽ مارٽرم لاءِ درٻيلو اسپتال پھچايو جٿي ڊاڪٽر ۽ سھولت نه ھجڻ سبب پوسٽمارٽرم نه ٿي سگھيو آھي ڊي ايچ او سان رابطو ڪيو آھي، جيڪو ضلعي جي ميڊيڪل ٽيم موڪليندو جيڪا پوسٽمارٽرم ڪندي جنھن بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويهندو، جڏھن ته ڌرين ۾ فارنگ جو سلسلو نه رڪجڻ سبب علائقي ۾ خوف ھراس ڇانيل هو جڏھن ته خبر لکڻ تائين نه واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو آھي نه پوسٽمارٽرم ٿي سگھيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے