welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اوٻاوڙو ڀرسان پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل

رائونتي:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گجڻ چاچڙ ۾ چاچڙ ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جيهڙي دوران فائرنگ هڪ ڄڻو صادق چاچڙ مارجي ويو، جڏهن ته هڪ عورت مائي مورزادي چاچڙ سميت ٻنهي ڌرين جا چار ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شاهنواز ڪوش ۽ ميوو ڪوش به شامل آهن ، فوتين جا لاش زخمي سول اسپتال پهتا ته ٻنهي ڌرين ۾ اسپتال اندر ٻيهر جيهڙو ٿي پيو، لٺين ۽ مڪن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو،دير سان پوليس پهچي جهيڙي کي ڪنٽرول ڪري ورتو، مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين جو علاج هلندڙ آهي، چاچڙ برادري جي ماڻهن پاران صحافين ۽ ٽائيم نيوز جي رپوٽر سان به ڪوريج دوران بد تميزي ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے