بھار:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)هندستان جي هڪ رياست ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جي ڪري 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هندستان جي مختلف رياستن ۾ مون سون جو موسم جاري آهي، جنهن جي ڪري تيز برساتون ۽ ٻوڏون اچي رهيون آهن.
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن هفتي، بهار رياست ۾ تيز برساتن سان گڏ، اربع ۽ خميس تي بجلي ڪرڻ جا واقعا پڻ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 33 ماڻهو فوت ٿي ويا.
اختيارين موجب، فوت ٿيندڙن ۾ گهڻا هاري ۽ مزدور شامل آهن جيڪي کليل آسمان هيٺ ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هئا، جڏهن ته بجلي ڪرڻ جي ڪري ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن.
رياستي آفتن جي انتظام واري کاتي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، تنهن ڪري شهري برسات دوران پنهنجا گهر ڇڏڻ کان پاسو ڪن.
حڪومت فوت ٿيلن جي خاندانن لاءِ 40 لک رپين جي مالي مدد جو اعلان ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت ۾ مون سون جي موسم دوران بجلي ڪرڻ عام آهي، ۽ گذريل سال بهار رياست ۾ بجلي ڪرڻ جي ڪري 243 ماڻهو مارجي ويا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language