
منڇر:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر جي بحالي خواب بڻيل، مهاڻن جو مقدر سڻائو نه ٿيو، بُک ۽ بدحاليءَ ديرا ڄمائي ورتا، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر جي بحالي هڪ خواب بڻجي وئي آهي، 3 ڏهاڪا گذرڻ باوجود مهاڻن جو مقدر سڻائو نه ٿيو آهي، پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم سميت ٻين بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب منڇر ۽ آسپاس بک ۽ بدحاليءَ پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا آهن، هزارن جي تعداد ۾ مهاڻن پيٽ جي بک اجهائڻ خاطر لڏپلاڻ پڻ ڪئي آهي، جائزي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته سنڌو جي ساڄي پاسي سنڌ ۽ بلوچساتن جو سم وارو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ رٿيل آر بي او ڊي منصوبو 30سالن کان مڪمل نه ٿيڻ ، ايم اين وي ڊرين ذريعي زهريلي پاڻيءَ جي ڍنڍ ۾ڇوڙ ۽ منڇر ۾ سنڌو درياءَ جو مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب مڇين جي واڌ ويجهه سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري مهاڻن جي روزگار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، منڇر جي عروج واري وقت ۾ مڇين جا ڪئي قسم ملندا هئا، جيڪي هينئر ناياب بڻجي ويا آهن، منڇر ۾ مٺو پاڻي نه هجڻ ڪري جتي پکين جي آمد ۽ مڇين جي افزائش رڪارڊ گهٽجي آهي، اتي بهه، پٻڻ، لوڙهه، پن، ٻوراڻي ( ٻرهاني )به ماضيءَ جو قصو بڻجي ويا آهن، ان سلسلي ۾ مقامي مهاڻن مولابخش ملاح، يوسف ملاح، علي محمد ملاح، چاڪر حسين ۽ ٻين ٻڌايو ته ڇنڊڻ (ايم اين وي ڊرين) ذريعي منڇر ۾ زهريلو ۽ گدلو پاڻي 90ع واري ڏهاڪي کان ڇڏيو پيو وڃي، جنهن منڇر جي معاشي ۽ سماجي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي، آر بي او ڊي منصوبو به سالن کان لٽڪيل آهي، سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار منڇر تي ڪوبه ڌيان نه پيون ڏين ، اسان وٽ نه پيئڻ جو پاڻي آهي ۽ نه ئي صحت ۽ تعليم جي سهولت آهي، سمورا آر او پلانٽ خراب پيل آهن، اسين پيئڻ جو پاڻي پئسن تي وٺون ٿا، سوين مهاڻا روزگار خاطر ميانوالي پنجاب، بلوچستان ۽ زيرو تي مڇي ماري گذر سفر ڪن ٿا، هنن چيو ته هن وقت منڇر ۾ صرف 9 فوٽ پاڻي موجود آهي،ڍنڍ جا ڪپ سُڪل آهن، اڙل ٽيل ذريعي پاڻي سنڌو ۾ ڇڏڻ سبب سڄو ٻيجارو درياءَ ۾ هليو ٿو وڃي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته منڇر ۾ 12 کان 14 فوٽ (112 کان 114 آر ايل) تائين پاڻي رهڻ ڏنو وڃي ته جيئن مڇي ٿئي ۽ مهاڻا روزگار ڪري سگهن، هنن چيو ته منڇر جي بحالي لاءِ ڇنڊڻ (ايم اين وي ڊرين) مان زهريلو پاڻي اماڻڻ جو سلسلو بند ڪري سنڌوءَ جو مٺو پاڻي منڇر ۾ ڇڏيو وڃي.
ڀان سيدآباد: آبپاشي کاتي آر بي او ڊي رٿا مڪمل ڪرڻ توڙي ايم اين وي ڊرين جو ڇوڙ منڇر بجاءِ آر بي اوڊي ۾ ڪرڻ بجاءِ منڇر جا بند31 فوٽ بلند ڪري اڙل واهه جا 12 دروازا وڌائي ڇڏيا، ان ڏس۾ ورتل جائزي موجب سال 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ منڇر جي بندن کي وڌيڪ بلند ۽ مضبوط بڻايو ويو آهي، هاڻي منڇر جي بندن جي سطح 128 کان 131 آر ايل (28 کان 31 فوٽ) آهي، جڏهن ته بندن جي ٽاپ جي ويڪر 30 فوٽ آهي، هوڏانهن اڙل هيڊ جا دروازا 2 مان وڌائي 14 ڪيا ويا آهن، هرڪو دروازو 20 فوٽ جو آهي، جيڪو 4 هزار ڪيوسڪس پاڻي خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، آبپاشي اختيارين موجب 14 ئي دروازا ٻوڏ صورتحال ۾ 52 هزار ڪيوسڪس پاڻي ڊسچارج ڪندا، واضح رهي ته سال 2022ع ۾ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح 122 آر ايل (22 فوٽ) ٿيڻ ۽ پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب انتظاميا پاران گهٽ نقصان واري هنڌ باغ يوسف وٽان ڪٽ ڏنو هو، جنهن سبب علائقي ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي،
منڇر ۾ پاڻيءَ تي ترندڙ انوکو ڳوٺ موجود
ڀان سيدآباد: منڇر اندر پاڻيءَ تي ترندڙ ( فلوٽنگ) انوکو ڳوٺ عمر ملاح موجود آهي، اهو ڳوٺ 40 ٻيڙين تي مشتمل آهي، هر ٻيڙي هڪ گهر آهي، اهي گهر پاڻيءَ ۾ ترندڙ آهن، کائڻ، پيئڻ، رڌ پچاءُ ۽ ننڊ ڪرڻ سميت هر ڪم اتي ئي ڪيو وڃي ٿو، ان سلسلي ۾ ترندڙ ڳوٺ جي رهواسي مهاڻي شفيع محمد ملاح ٻڌايو ته اهو ڳوٺ قديم ۽ تاريخي آهي، جيڪو خشڪيءَ تي نه پر پاڻيءَ جي سطح تي آهي، هن ٻڌايو ته سيڌو سامان ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون وٺڻ لاءِ خشڪي تي ايندا آهيون، هن چيو ته اسان جون ٻيڙيون هر وقت پاڻي ۾ هجڻ ڪري ديال ۽ چلگوزو ڪاٺ مان ٺهرائيندا آهيون، هڪ ٻيڙي سراسري طور 10 سال به هلي ويندي آهي، هڪ سماجي تنظيم ڳوٺ مان متاثر ٿي سمورن رهواسين کي نيون ٻيڙيون مفت ۾ فراهم ڪيون هيون.
منڇر ۾ ٻيجاري جو شڪار جاري: فشريز کاتو ننڊ پيل
ڀان سيدآباد: منڇر ۾ٻيجاري جو شڪار، فشريز کاتو ننڊ پيل، منڇر ڍنڍ ۾ کاري ۽ زهريلي پاڻيءَ تي ٿيندڙ مڇين کي وڌڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي، مڇيءَ جو ٻيجارو ماري کپايو وڃي ٿو، ننڍي مڇيءَ مان ڪڪڙن جي فيڊ ٺاهي وڃي ٿي، ٺيڪيدار سرعام ڪِڇ مارائي بند تي سُڪائين ٿا ، ان سلسلي ۾ منڇر بچايو اتحاد جي چيئرمين مولابخش ملاح ٻڌايو ته منڇر ۾ هينئر به 40 قسمن جي مڇي پيدا ٿي رهي آهي، منڇر بريڊنگ ۾ پهرئين نمبر تي آهي پر مڇيءَ کي وڌڻ نه ٿو ڇڏيو وڃي، هتي ننڍي مڇي ماري پئي وڃي، هن ٻڌايو ته دَيو مڇي (تلابيا) سال ۾ 4 دفعا ۽ گلفام 3 دفعا ٻج ڏئي ٿي، ڍنڍ ۾ بام، گوج، گوجيلو، لوهڙ، کڳو، سينگاري ۽ ٻيون مڇيون موجود آهن، منڇر مان 3 ڪلو وزن واري مڇي به مري رهي آهي، هن چيو ته سنهي ڄار تي پابندي وجهي ٻيجاري جو شڪار بند ڪرايو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language