welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ايئرپورٽ تي سامان چوري ۾ ملوث پي آءِ اي ملازم گرفتار

ڪراچي:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)سامان چوري ۾ ملوث پي آءِ اي جي هڪ ملازم کي ڪراچي ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو. ميڊيا موجب، عورت مسافر پي آءِ اي جي پرواز 305 تي لاهور کان ڪراچي پهتي ۽ ايئرپورٽ انتظاميا کي شڪايت ڪئي ته سندس سامان غائب آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ملازم حراست دوران مزاحمت به ڪئي، ۽ ملازم جو ايئرپورٽ داخلا پاس ضبط ڪيو ويو. ايئرپورٽ انتظاميا جي مدد سان، عورت جو سامان سان ڀريل ٿيلهو مليو، ۽ پي آءِ اي ملازم کي اي ايس ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے