welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فلپائن سان فوجي لاڳاپا بهترين آهن، واپاري معاهدو تمام جلد ٿيندو: ٽرمپ

واشنگٽن:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ فلپائن جي صدر فرڊيننڊ مارڪوس سان ملاقات ڪئي. واشنگٽن جي هڪ نيوز ايجنسي موجب، صدر ٽرمپ هن موقعي تي وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو فلپائن سان واپاري معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي ويجهو آهي، چين سان فلپائن جي لاڳاپن بابت پريشان ناهي، آمريڪا کي چين-فلپائن لاڳاپن تي ڪو به اعتراض ناهي. هن وڌيڪ چيو ته فلپائن سان فوجي لاڳاپا بهترين آهن، هو جلد ئي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪري سگهي ٿو، صدر شي جن پنگ مون کي چين جي دعوت ڏني آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے