نئی دہلی:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)هندستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي رهي آهي، مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 143 ٿي ويو آهي.
اتر هندستان ۾ مون سون جي برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي رهي آهي، هماچل پرديش ۾ ٻوڏ آبادين ۾ داخل ٿي وئي ۽ وڌيڪ تباهي مچائي ڇڏي.
ٻوڏ جي بي قابو لهرن رهائشي عمارتن ۽ هوٽلن کي ٻوڙي ڇڏيو، لينڊ سلائيڊنگ، ٻوڏ، بجلي جي بندش ۽ عمارتن جي ڪري 70 ماڻهو فوت ٿي ويا، 55 ماڻهو روڊن تي لڙهي وڃڻ سبب حادثن ۾ فوت ٿي ويا.
هندستاني ميڊيا موجب، ٻوڏ جي صورتحال سبب انساني زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن، هماچل پرديش ۽ اتراکھنڊ رياستن ۾ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته راڄڌاني نئين دهلي ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language