
ڪراچي:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جا وسڪارا جاري، ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، بجلي جو نظام درهم برهم ان ڏس ۾ خبر موجب ٺٽي، مڪلي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرميءَ ۽ ٻوسٽ واري ماحول بعد ٻئي ڏينهن به چوماسي جي برسات جو تيز وسڪارو ٿيو، نصيرآباد ۾ 2 ڪلاڪ وسندڙ برسات جي ڪري شهر جا مکيه روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا . مال جي واڙي جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ پيرسن 60 سالا منظور پٽ قاسم نونانري فوت ٿي ويو ،برسات وسڻ جي 12 ڪلاڪن کان شهر جي بجلي بند رهي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ميھڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو وسڪارو ٿيو برسات سبب ميھڙ ، راڌڻ ۽ فريدآباد گرڊ اسٽيشنن جا 15 فيڊر ٽرپ ڪري ويا شھر ۽ ٻھراڙي وارن علائقن جي بجلي 16 ڪلاڪن تائين بند رھي برسات سبب مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو ، خيرپورناٿن شاھ ۽ آس پاس واري علائقي ۾ گذريل رات کان وٺِي تيز برسات جاري رھي شھر جي مختلف روڊن رستن گھٽين ڪالونين ۾ برساتن جو پاڻي بيٺل آهي شھري سخت پريشان ميونسپل عملو غائب ، موسم خوشگوار ، گرمي زور ٽٽي پيو ، مواصلاتي نظام درهم برهم،راڌڻ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ پيل برسات کانپوءِ پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي به بحال نه ٿي سگھي آھي، برسات سبب راڌڻ گرڊ اسٽيشن جا 5 فيڊر ٽرپ ڪري وڃڻ سبب راڌڻ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بجلي بند پيل آھي،شهدادڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ مٽي جي طوفان سان گڏ تيز طوفاني برسات سبب شهر ۾ برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيهجي ويو جڏهن برسات سبب ٻهراڙي توڙي هيٺانهين وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا.برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.برسات سبب شهر ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن سبب شهر توڙي گهرن طرف ايندڙ ويندڙ شهري مشڪلاتن جو شڪار آهن .دولتپور صفن سانوڻي جي مند جون برساتون شروع ٿيندي ئي ، سموري سنڌ جيان دولتپور صفن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ھوائن سان گڏ برسات آبادگارن جي منھن تي مرڪون موٽائي آنديون آهن ، جڏهن ت وقفي وقفي سان ھلندڙ برسات جو سلسلو پڻ جاري ، ھلندڙ برسات انتظاميا جي نااهلي ۽ پت وائکي ڪري ڇڏي ، مواصلاتي نظام درهم برهم ۽ بجليءَ غائب ٿي وئي، ٺاروشاھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڏ فڙي سـان تيز برسات جاري گرميء جو زور ٽيو ويو بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو برسات سبب ھيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي جا تلاءَ ٿي ويا برسات سبب شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا، رپڙي بھارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي پر مک بازارن ۾ نيڪالي وارو نظام ٺيڪ نه ھجڻ سبب گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو ويو، انتظاميا اين ڊي ايم اي پاران الرٽ جاري ڪرڻ باوجود اڳواٽ ڪي به انتظام نه ڪيا، جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻھو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا جڏهن ته ڪاروھنوار پڻ سخت متاثر ٿيو آهي، سکر ۾ برسات، بجلي جو نظام درهم برهم، 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي بند هجڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏنو. گذريل رات دير سان ۽ ڏينهن جو برسات شروع ٿيندي ئي ذريعن موجب سائيٽ، آرائين ۽ سٽي گرڊ مان نڪرندڙ 70 فيڊر بند ٿي ويا. سائيٽ گرڊ جا 29 فيڊر، آرائين گرڊ جا 32 ۽ سٽي گرڊ اسٽيشن جا 10 فيڊر بند ٿي ويا آھن. سکر شھر ۾ بجلي جي فراهمي بند ھجڻ سبب سکر واسي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ رات گذاري رھيا آھن. ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجو جو چوڻ آهي ته رات ۾ 27 ملي ميٽر برسات ٿي. جڏهن ته صبح جي وقت شهر ۾ 16 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڊي سي سکر موجب شهر جي سمورن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، بجلي بند هجڻ سبب متبادل جنريٽر ذريعي پاڻي نيڪال ڪيو ويو. ٻئي طرف اسٽيشن روڊ، مائڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، گلشن اقبال سميت مختلف علائقن ۾ برسات سبب پاڻي پڻ بيهجي ويو. ڪنڌرا سميت آسپاس وارن علائقن ۾ گذريل رات کان وٺي وقفي وقفي سان ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز گجگوڙ سان برسات جو سلسلو شروع جاري آهي جڏھن ته رات کان شھر اندر بجلي جو ڊگھو بريڪ ڊائون ھجڻ سبب ڪاروباري سرگرميون بند پيل آهن اڄ ڏينھن جو 15 منٽن جي پيل تيز برسات سکر بس اسٽينڊ، سچل پور، شاھي بازار سميت ٻين علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ ھيٺائين وارا علائقا گندي برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن خيرداري لاءِ شھري مرد توڙي عورتون نالين جي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور بڻيل آھن ٽائون انتظاميہ جو عملو ڪٿي به نظر نه آيو جڏھن تہ اڄوڪي برسات پوڻ سبب کجي جي تيار فصل کي نقصان ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃيخيرپور ۾ مون سون جي هلندڙ برسات دوران ميونسپل ڪميٽي خيرپور جو دڪان ڌماڪي سان ڪري پيو، متاثر دڪاندار طرفان مدد جي اپيل. خبر موجب سبزي مارڪيٽ خيرپور ۾ ميونسپل ڪميٽي انتظاميا طرفان جهان زيب اقبال آرائين کي الاٽ ٿيل دڪان جو ڇپرو هلندڙ برسات دوران ڌماڪي سان ڪري پيو جنهن سبب هزارين رپين جي سبزي خراب ٿي وئي جڏهن ته دڪاندار معجزاتي طور بچي ويو. پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ شهمير ڪلهوڙو ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ پورهيت حياتي وڃائي ويٺو، جڏهن ته ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي. تفصيل موجب، پوري ملڪ جيان پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي. اهڙي ئي هڪ برسات دوران ڳوٺ شهمير ڪلهوڙو ۾ کجين جي پڙ تي ڪم ڪندڙ پورهيت برادري ولد عطا محمد ڪلهوڙو تي اوچتو کنوڻ ڪرڻ سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي پورهيت ڇهارن واري ٽئي تي ڪم ڪري رهيو هو ته برسات دوران تيز آواز سان کنوڻ مٿس ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي سڙي فوت ٿي ويو. فوتي جي اوچتي لاڏاڻي سبب سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته متاثر خاندان سان مالي مدد ڪئي وڃي لاڙڪاڻي ۾ آچر ۽ رات ڏينهن جو وقفي وقفي سان جاري ڪجهه ڪلاڪن جي تيز برسات شهري عوام جي زندگي کي مڪمل مفلوج بڻائي ڇڏيو. شهر جي مرڪزي روڊ، بازارون، اسپتالن جا رستا ۽ ڪيترائي رهائشي علائقن جا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ضلعي انتظاميه جي نااهلي پڻ سامهون اچي وئي.برسات کان اڳ ئي موسم بابت الرٽ جاري ٿيڻ باوجود انتظاميه طرفان برساتي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ ڪو به ترت يا مؤثر قدم نه کنيو ويو، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.شهر جي مختلف علائقن اسٽيشن روڊ، مڇي مارڪيٽ روڊ، سيد قائم شاهه بخاري روڊ، سڪ پل، سول اسپتال روڊ، ايس پي چوڪ ۽ ڀينس ڪالوني، نظر محلا روڊ، ڪوثر مل روڊ، مراد واهڻ روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي روڊن رستن تي جمع ٿي ويو، ٻئي پاسي لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن دوران 5 کان وڌيڪ شهري سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي سمورن زخمين کي طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ٻه عورتون بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويون ان حوالي سان چانڊڪا اسپتال جي انتظاميه ٻڌايو ته طوفاني برساتن سبب 5 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن جن کي سندن وارثن ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي سمورن زخمين کي بروقت طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.
شڪارپور ۽ چڪ ۾برسات جو سلسلو پڻ جاري رھيو جل ٿل ھڪ ٿي ويو ان کان سواءِ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي زوردار مون سون جو سلسلو جاري رھيو
0 تبصرے
Do not use vulgar language