میرواہ گورچاڻي:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)ميرواھ گورچاڻي ڀرسان تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ديھه 256 جي ڳوٺ گلشير گورچاڻي ۾ برسات سبب ڳوٺ جي ڪچي رستي ۾ گپ هئڻ سبب ڊليوري لاءِ گاڏي تي ويندڙ چار ٻارڙن جي ماءُ 35 ورهين جي گلنشاءِ زال عنايت علي گورچاڻي تڙپي تڙپي پيٽ ۾ موجود ٻار سميت فوت ٿي وئي، سندس وارثن موجب ته ڳوٺ جو ڪچو رستي ۾ برسات جو پاڻي هجڻ ۽ گپ سبب ڪار ڦاسي پئي، ڀرواري ڳوٺ مان ٽريڪٽر ٽرالي گهرائي عورت کي کڻي ويا سين ته هو رستي ۾ ئي تڙپي تڙپي ٻار سميت فوت ٿي وئي،هوڏانهن ڳوٺاڻن عباس علي، حنيف گورچاڻي، جان محمد گورچاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ قديمي انگريزن جي دور کان اڳ جو آباد آهي پر هن جديد دور ۾ به پڪي رستي جهڙي سهولت کان محروم آهي برسات سبب ايمرجنسي ۾ گاڏيون ڦاسي پون ٿيون پر چونڊيل نمائندن آڏو ڳوٺ لاءِ ٻه ڪلوميٽر رستي لاءِ ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر تدارڪ ناهي ٿيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language