welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

طالبان حڪومت جي واعدا خلافي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجن پيا : بلاول

اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان حڪومت جي واعدن جي ڀڃڪڙي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهي آهي، تنهن ڪري افغان عبوري حڪومت کي دوحا معاهدي ۾ ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪستان دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻن ڏهاڪن کان هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آهي، ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙين ڪارروائين دهشتگردن جي کمر ٽوڙي ڇڏي آهي، ڊجيٽل پروپيگنڊا جديد دور جو هڪ پيچيده چئلينج آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان ڪڏهن به دهشتگردي کي دعوت نه ڏني، پر جڏهن اها آئي ته اسان نه جهڪيو پر وڙهيو، هٿيار ڦٽا ڪرڻ پاڪستان جي لغت ۾ ناهي، اسان دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته پاڪستاني پاسپورٽ، قربانين ۽ عزم جو احترام ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي صلاحيتن مان سکڻ گهرجي، اسان دهشتگردي سان وڙهڻ لاءِ ڀارت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اچو ته ڪشمير، پاڻي ۽ دهشتگردي بابت ڳالهايون. چيئرمين پي پي چيو ته طالبان حڪومت جي واعدن جي ڀڃڪڙي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهي آهي، افغان عبوري حڪومت کي دوحا معاهدي ۾ ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے