welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سوات درياءَ تي حددخلين خلاف آپريشن، 65 دڪان، هوٽل ۽ پارڪ ڊاهي ڇڏيا

سوات:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)سوات درياءَ جي واقعي کان پوءِ سوات ضلعي انتظاميا جو تجاوزات خلاف آپريشن اڄ کان ٻيهر شروع ٿيندو. سوات درياءَ جي واقعي کان پوءِ، ضلعي انتظاميا صوبائي حڪومت کي حددخلين خلاف ڪيل ڪارروائين بابت رپورٽ موڪلي آهي. ضلعي انتظاميا جي رپورٽ موجب، حددخلين خلاف آپريشن دوران هاڻي تائين 65 غير قانوني اڏاوتون ڊاهيون ويون آهن، جن ۾ دڪان، هوٽل ۽ پارڪ شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 15.7 ڪينال زمين واپس حاصل ڪئي وئي آهي ۽ 2 ڪلوميٽر جو علائقو صاف ڪيو ويو آهي، ۽ حددخليون قائم ڪرڻ جي الزام ۾ 25 ماڻهن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے