ڪراچي:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، مريض جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
جناح اسپتال جي عملدارن موجب، هڪ 33 سالن جي مريض کي بخار، مسوڙن مان رت وهڻ ۽ نڪ مان رت وهڻ جي علامتن سان آندو ويو هو. جڏهن مريض جو پي سي آر ٽيسٽ ڪيو ويو ته ان جو ٽيسٽ مثبت آيو.
مريض کي جناح اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. متاثر شخص ڀينس ڪالوني جو رهواسي ۽ هڪ هيئر ڊريسر آهي.
صحت کاتي جي عملدارن موجب، عيدالاضحيٰ کان وٺي ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس سبب 2 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language