welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عليمه خان کي رياست مخالف سوشل ميڊيا سرگرمين تي نوٽيس جاري

اسلام آباد:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي رياست مخالف سوشل ميڊيا سرگرمين جي الزام ۾ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) لاهور زون عليمه خان کي نوٽيس موڪليو آهي. نوٽيس ۾ عليمه خان کي سڀاڻي صبح 11:30 وڳي اين سي سي آءِ اي لاهور آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيس جي متن موجب، ڪارروائي 27 مئي 2025 جي هڪ انڪوائري جي تحت ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ملزم پيش نه ٿيو ته اهو سمجهيو ويندو ته انهن وٽ پنهنجي دفاع ۾ ڪجهه به چوڻ لاءِ ناهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے