welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر سيد رب نواز شهيد

راولپنڊي:(اربع 16 جولاءِ 2025ع)بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز آواران ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طور تي نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ ٽي دهشتگرد مارجي ويا ۽ رپورٽن موجب، دهشتگردن جو تعلق ڀارتي ايجنسي جي پراڪسي تنظيم "فتنة الهندستان" سان هو. آءِ ايس پي آر چيو ته ميجر سيد رب نواز طارق دهشتگردن سان سخت فائرنگ جي تبادلي ۾ شهيد ٿي ويو. 34 سالن جو شهيد ميجر سيد رب نواز طارق مظفر آباد جو رهواسي هو ۽ فرنٽ لائن تي فوجين جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي سرپرستي هيٺ دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر پٽن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے