welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مستونگ: فتنہ الھندوستان دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ميجر سميت ٻه فوجي شهيد

راولپنڊي:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنہ الھندوستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ هڪ ميجر سميت ٻه فوجي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز مستونگ ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، اهو آپريشن ڀارتي پراڪسي فتنہ الھندوستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو، آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ ميجر زياد سليم سميت 2 فوجي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر چيو ته ميجر زياد سليم محاذ کان پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، 31 سالن جو ميجر زياد سليم خوشاب سان تعلق رکي ٿو ۽ 22 سالن جو سپاهي ناظم حسين جهلم سان تعلق رکي ٿو. آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ وڌيڪ هندستاني حمايت يافته دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے