
اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ميمبر حامد عتيق سرور انڪشاف ڪيو ته ڀارت هڪ ئي ڏينهن ۾ ايف بي آر تي 1,684 سائبر حملا ڪيا.
حامد عتيق سرور اجلاس دوران چيو ته ڀارت جي بهترين ڪوششن جي باوجود، ايف بي آر سسٽم ڪريش نه ٿيو ۽ نه ئي ڪو ڊيٽا ليڪ ٿيو. هن يقين ڏياريو ته ٽيڪس ڏيندڙ جو ڊيٽا ايف بي آر وٽ مڪمل طور تي محفوظ آهي.
ايف بي آر ميمبر حامد عتيق سرور چيو ته ڪنهن به ٽيڪس ڏيندڙ کي تنگ نه ڪيو ويندو، ٽيڪس ڏيندڙ کي تنگ ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني اجلاس ۾ چيو ته ڪاروباري برادري سان ڳالهيون جاري آهن ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام ۾ هجڻ جي ڪري ڪجهه معاملن جي تفصيل ظاهر نٿي ڪري سگهي.
هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙ کي نه ته تنگ ڪيو ويندو ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏني ويندي.
اجلاس ۾ فلائنگ انوائسنگ تي به بحث ڪيو ويو، جتي ايف بي آر ميمبر حامد عتيق انڪشاف ڪيو ته گذريل مالي سال دوران 857 ارب رپين جي فلائنگ انوائسنگ جو پتو لڳايو ويو ۽ 2023-24 ۾ 1,313 ارب رپيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language