اسلام آباد:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)حڪومت پرائز بانڊز ۽ قرض جي منافع تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح وڌائي ڇڏي آهي.
پرائز بانڊز ۽ قرض جي منافع تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پرائز بانڊز کٽڻ جي صورت ۾ ٽيڪس فائلرز تي 15 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پرائز بانڊز کٽڻ جي صورت ۾ نان فائلرز تي 30 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ساڳئي طرح، ٽيڪس فائلرز لاءِ قرض جي منافع تي 15 سيڪڙو ۽ نان فائلرز لاءِ 30 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language