welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هندستاني ڪرڪيٽر تي عورت سان زيادتي جو الزام،ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪيتري سزا ملي سگھي ٿي ؟

ممبئي:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)هڪ عورت سان زيادتي جي ڪيس ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر يش ديال خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، رائل چئلينجرز بنگلور (آر سي بي) جي فاسٽ بالر يش ديال خلاف هڪ عورت سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
غازي آباد جي هڪ عورت فاسٽ بالر يش ديال تي جنسي زيادتي جو الزام لڳايو هو ۽ ڪرڪيٽر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي. هڪ عورت سان زيادتي جي الزام ۾ هڪ ڀارتي ڪرڪيٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿئي ته سزا ڇا آهي؟
عورت الزام لڳايو ته يش ديال پنهنجي 5 سالن جي رشتي دوران کيس جسماني ۽ ذهني طور تي زيادتي جو نشانو بڻايو. ان کان علاوه، عورت ڪرڪيٽر تي الزام لڳايو ته هن شادي جو واعدو ڪري مالي استحصال ڪيو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته ڀارتي ڪرڪيٽر کي 10 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے