welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حڪومت ڊجيٽل اثاثن جي نگراني لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)حڪومت ڊجيٽل اثاثن جي نگراني لاءِ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريگيوليٽري اٿارٽي ڊجيٽل اثاثن جي نگراني لاءِ هڪ قانوني فريم ورڪ پيش ڪندي، ريگيوليٽري اٿارٽي هڪ آزاد اداري جي طور تي ڪم ڪندي. ذريعن موجب، ريگيوليٽري اٿارٽي ورچوئل اثاثن لاءِ لائسنس جاري ڪندي. ذريعن وڌيڪ چيو ته ريگيوليٽري اٿارٽي ايف اي ٽي ايف فريم ورڪ جي مطابق ڪم ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے