پنڱريو:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)پنگريي ڀرسان ڳوٺ محمود چانڊيو ۾ آئيس جي موالي عبدالرزاق چانڊيو پنهنجي گهر واري 35 سالا مٺان چانڊيو کي پستول جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ 2 ڏينھن جوابدار پنهنجي زال کي گوليون هڻي زخمي ڪيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي مسمات مٺان چانڊيو فوت ٿي وئي . معلوم ٿيو آهي ته عبدالرزاق چانڊيو آئيس جي نشي جو عادي ھو ۽ پنھنجي زال تي مختلف الزام ھڻي نشي جي حالت ۾ تشدد ڪندو ھو. اھڙي ريت 2 ڏينھن اڳ به ناراض ٿي پنھنجي زال مٿان پستول جا فائر ڪري زال کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي ايل ايم سي حيدرآباد ۾ داخل داخل ڪيو ويو ھو جتي ھو فوت ٿي وئي جڏھن ته مقتول مٺان چانڊيو جي 10 سال اڳ عبدالرزاق سان شادي ٿي ھئي جنھن مان کين 4ٻارن جو اولاد ھو ھوڏانھن پنگريو پوليس جوابدار عبدالرزاق چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آه واقع جو ڪيس داخل نه ٿيو وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو
0 تبصرے
Do not use vulgar language