
مورو:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)اين پي پي سنڌ جو صدر مسرور جتوئي پنھنجي وڪيل ٽيم سان گڏ ايڊيشنل سيشن جج فائق علي پٺاڻ جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن وڪيلن معرفت درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انويسٽيگيشن آفيسر اسان کان 170/171 ڪيس ۾ ٻه ڀيرا بيان ورتا آھن، جڏھن ته 172/173 ڪيس ۾ بيان نه پيو ورتو وڃي ۽ نه ئي اسان کي نوٽيس ڏنو ويو آھي، ورتل بيان ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ هراسمينٽ ڪيو پيو وڃي، ڪرائم نمبر 172/173 ۾ انويسٽيگيشن لاءِ ڪو ليٽر وغيرهه ناهي ڏنو ويو، ان لاءِ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي آھي، ٻئي پاسي مسرور جتوئي ڳالهائيندي چيو ته پ پ جمھوري پارٽي ھئي پر ھاڻي نه رھي آھي، ھن وقت وڏيرن جي پارٽي آھي، جمھوريت تي يقين رکڻ وارا اھڙو قدم نه کڻندا آھن، صاف شفاف اليڪشن ٿي ته پ پ مڪمل طور ختم ٿي ويندي، هن چيو ته پ پ ھاڻي سياسي انتقامي ڪاررواين تي لھي آئي آھي، اسان ڪھڙو عمل ڪيو جو پيپلز پارٽي اسان جي خلاف انتقام تي لھي آئي آھي، ھاڻي سندن وقت آھي جيڪو ڪرڻو آھي ڪن اھو به وقت گذري ويندو، مورو واقعي وقت مان ھوائي جھاز ۾ ھئس، اهڙي ڄاڻ سوشل ميڊيا ذريعي ملي ته ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، اسان کي انويسٽيگيشن آفيسر تي ڪو اعتماد ناھي، ھو بيان وٺي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي پر اميد آھي ته ڪورٽن مان انصاف ملندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language