welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊوآدم: نينگري 5 لکن ۾ وڪرو، پيرسن سان پرڻائڻ جي ڪوشش، نياڻي ناناڻن پهتي

جھول:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)جهول ويجهو نينگري مبينا طور پئسن عيوض وڪرو، پيرسن سان پرڻائڻ جي ڪوشش، نينگري مامي وٽ پهچي وئي، تحفظ لاءِ عدالت ۾درخواست داخل، رپورٽ موجب جهول ويجهو ڳوٺ بچايو رند واسڻ 13 ورهين جي نينگري شگفته چانڊيو کي مائٽن پاران مبينا طور 5 لک رپين عيوض اڌڙوٽ ڄمار واري کي وڪرو ڪري ڇڏيو، نينگري کي پيرسن سان زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تان نينگري وجھه وٺي گهران نڪري ٽنڊوآدم ۾ پنهنجي مامي جي گهر پناھ ورتي، متاثر نينگري شگفته چانڊيو پنهنجي ناني مسمات هاني چانڊيو سان گڏ دانهيندي الزام هنيو ته سندس پيءُ حاڪم چانڊيو، چاچا محبوب چانڊيو، واحد بخش چانڊيو ۽ ڏاڏو سهراب چانڊيو 5 لکن عيوض وڏي عمر جي همراھ کي وڪرو ڪري پرڻائڻ چاهين پيا، انڪار ڪرڻ تي تشدد ڪيو ويو، جنهن ڪري گهران نڪري پنهنجي مامي پرويز چانڊيو جي گهر ۾ پناھ ورتي آهي، هن دانهون ڪندي چيو ته مائٽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، مون کي زبردستي اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيندا، منهنجي جان بچائي وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي طرف نينگري پنهنجي وڪيل شيخ جاويد علي معرفت سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ تحفظ ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي، نينگري جي ناني مسمات هاني چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي ڌيءُ جي وفات سبب مون پنهنجي ڏوهٽي کي نپائي وڏو ڪيو آھي، جيڪا ڪڏهن اسان وٽ رهندي هئي ته ڪڏهن ڏاڏاڻن ۾ رهندي هئي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے