لاھور:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)کنڊ جي خريداري ۽ وڪري تي ڊيلرز ۽ شگر مل مالڪن جي وچ ۾ تڪرار حل نه ٿي سگهيو.
شوگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سهيل ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کنڊ ڊيلرز کي اڄ به 165 رپين ۾ کنڊ نه ملي سگهي، تنهن ڪري مارڪيٽ ۾ کنڊ جي فراهمي اڄ به معطل رهندي.
سهيل ملڪ چيو ته کنڊ مل مالڪن وزارت جي سهڪار سان کنڊ برآمد ڪرائي، شگر مل مالڪن اربين رپيا منافعو کائي ويا آهن، هاڻي جڏهن کنڊ جو بحران آيو ته صرف ڊيلرز کي ذميوار قرار ڏنو ويو.
هن چيو ته هن وقت کنڊ ڊيلرز روپوش ٿي ويا آهن، شگر مل مالڪ بحران تي سڌو سنئون موقف ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.
شوگر مل ذريعن موجب، کنڊ جي اسٽاڪ جي ڪا به کوٽ ناهي، اسان جو موقف حڪومت کي معلوم آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته حڪومت پاران کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا ۽ پرچون قيمت 173 رپيا مقرر ڪرڻ جي باوجود، عوام کي سستي کنڊ نه ملي رهي آهي.
لاهور ۽ اسلام آباد کان پوءِ هاڻي ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ کنڊ جي کوٽ ٿي وئي آهي. جتي کنڊ موجود آهي، ان جي قيمت 200 رپيا في ڪلوگرام تائين آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language