اسلام آباد:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ رليف لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ڏنل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گنجائش جي ادائيگين جي لحاظ کان 53.71 ارب رپين جو فائدو ٿيندو، سسٽم چارجز جي استعمال جي لحاظ کان 662 ملين رپين جو بار پوندو، جڏهن ته آپريشن ۽ سار سنڀال جي لحاظ کان 182 ملين رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي ملڪ جي صارفين کي 53.39 ارب رپين جو رليف ملندو.
نيپرا 4 آگسٽ تي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندو ۽ نيپرا پاران ڪيل فيصلو ڪراچي سميت ملڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language