تھران:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)ايران اسرائيل سان جنگ بندي جي ڇهن ڏينهن کان پوءِ، غير ملڪي ايئر لائنز جي اوور فلائيٽس لاءِ پنهنجي مغربي هوائي حدون مشروط طور تي کوليو آهي.
ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ 13 جون تي شروع ٿي، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 25 جون تي جنگ بندي ٿي.
جنگ بندي جي ٻئي ڏينهن، ايران پنهنجي اوڀر واري هوائي حدون اڳواٽ اجازت سان کوليو، پر مغربي هوائي حدون کان اوور فلائيٽس بند ڪيون ويون، جيڪي سومر تي ٻيهر کوليون ويون.
ايران جي مٿان اڏامندڙ پرڏيهي پروازن کي ايران جي مغربي هوائي حدون مان گذرڻ لاءِ (FL245)، يعني 24,500 فوٽ کان مٿي پرواز ڪرڻي پوندي.
جاري ڪيل نوٽم جي مطابق، لاڳاپيل فلائيٽ انفارميشن ريجن (FIR) ۾ لينڊنگ يا ٽيڪ آف ڪندڙ پروازون انهن حڪمن جي تابع نه آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language