ملتان:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)ملتان ۾ صاف پاڻي جي کوٽ شهرين لاءِ زندگي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري ملتان ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ تي بحث ڪندي چيو ته شهر جو 94 سيڪڙو زميني پاڻي پيئڻ جي قابل ناهي.
هن چيو ته پاڻي ۾ آرسينڪ جي مقدار عالمي صحت تنظيم جي مقرر ڪيل معيارن کان تمام گهڻي آهي، جيڪا شهرين جي صحت لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي.
اويس لغاري چيو ته ملتان ۾ ڪم ڪندڙ پاڻي جي فلٽريشن پلانٽن جو تعداد پڻ گهٽ آهي ۽ ڪيترائي موجوده پلانٽ خراب يا بند آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language