
ڪراچي:(ڇنڇر 05 جولاءِ 2025ع)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي لياري عمارت ڪِرڻ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آهي.
شهر قائد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته سنڌ حڪومت تازي حادثي ۽ ماضي ۾ ٿيندڙ سڀني حادثن جي ذميوار آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي عمارت ڪِرڻ جي مذمت نه ڪرڻ گهرجي پر ذميوار آفيسرن جي مرمت ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت 17 سالن کان صوبي ۾ اقتدار ۾ آهي پر ڪا به بهتري نه آئي آهي. ڪراچي کي به مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي لياري ۾ عمارت ڪِرڻ جي ذميوار آهن. سنڌ حڪومت سڀني حادثن جي ذميوار آهي. صدر آصف زرداري ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو کي مذمت نه ڪرڻ گهرجي پر ذميوار آفيسرن جي مرمت ڪرڻ گهرجي.
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي کي مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. عمارت ڪِرڻ جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. مڪاني ادارن واري وزير کي اخلاقي بنيادن تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
علي خورشيدي چيو ته ڪراچي تي نظام ۽ مافيا جو راڄ آهي، ڪراچي ۾ گذريل 15 سالن کان بي قابو تعميرات وڌي رهي آهي، غير قانوني تعميرات ايس بي سي اي جي ملي ڀڳت سان ڪيون پيون وڃن، ايس بي سي اي غير قانوني عمارتن کي اکيون بند ڪري رکيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ادارن جو ڪم صرف پوئتي ويهڻ ۽ نوٽيس جاري ڪرڻ ناهي، ايس بي سي اي تباهه ٿيل عمارتن کي نوٽيس جاري ڪري پنهنجي جان بچائي ٿي، حالتون ۽ واقعا ظاهر ڪري رهيا آهن ته ايندڙ 4 مهينن ۾ تبديلي اچڻ واري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language