welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:(ڇنڇر 05 جولاءِ 2025ع)وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو تفاوت الائونس ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پگهارن ۾ واڌ 1 جولاءِ 2025 کان لاڳو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، وفاقي حڪومت هٿياربند فوجن، سول آرمڊ فورسز ۽ سڀني وفاقي سول ملازمن جي موجوده بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس جاري ڪيو آهي. هي الائونس ڪانٽريڪٽ ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ پڻ شامل هوندو. ان کان علاوه، ناڻي واري وزارت گريڊ I کان گريڊ 22 تائين جي ملازمن کي 30 جون 2022 جي بنيادي پگهار تي 30 سيڪڙو تفاوت الائونس جي فراهمي جي به منظوري ڏني آهي، جيڪو پڻ 1 جولاءِ کان لاڳو ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے