سرينگر:(ڇنڇر 05 جولاءِ 2025ع)والاريل ڪشمير ۾ شراب جون دڪانون کولڻ خلاف ٽن ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس جي مطابق، ڪشميري عوام ڀارتي اختيارين پاران والاريل علائقي ۾ شراب جي وڪري جي منظوري کي علائقي جي اسلامي روايتن جي واضح بي عزتي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته وادي ۾ شراب جون دڪانون کولڻ علائقي جي مذهبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ تي سڌو حملو آهي.
ڪشميرين جو چوڻ آهي ته مسلم اڪثريت واري علائقي ۾ شراب جي کليل وڪري جو مقصد غير اخلاقي رويي کي فروغ ڏيڻ آهي.
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ شراب جي دڪانن جي کولڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جمون ۽ ڪشمير ۾ شراب جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ڪشميري مسلمانن جي ايمان ۽ تهذيب تي حملو آهي.
ڪشميري واپارين شراب جي دڪانن جي کولڻ خلاف احتجاج طور سرينگر ۾ ٽن ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته شراب جي دڪانن جو کولڻ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language