welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

پشاور:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)پشاور هاءِ ڪورٽ صوبائي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. مخصوص سيٽن جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي درخواست تي جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس ڊاڪٽر خورشيد اقبال تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل سلطان محمد خان ايڊووڪيٽ چيو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ڪيلڪوليشن صحيح طريقي سان نه ڪئي، جسٽس ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته اوهان مخصوص سيٽن جي لاءِ فهرست جمع ڪئي؟ درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته جي بالڪل اسان جمع ڪئي آهي. وڪيل سلطان محمد خان دليل ۾ چيو ته پي ٽي آءِ پي ڪي صوبائي اسيمبلي ۾ 2 سيٽون آهن، اليڪشن ڪميشن هڪ عورتن جي مخصوص سيٽن ڏني آهي، جسٽس ارشد علي ريمارڪس ڏنا ته هتي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، انهن کي هتي به سيٽون نه مليون.؟ درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چونڊن ۾ حصو ناهي ورتو، هتي انهن جا آزاد اميدوار هئا، پي ٽي آءِ کي پي ڪي 2 ۽ عورتن جون سيٽون ملڻ گهرجن. جڏهن ته اقليتن جي هڪ سيٽ به پي ٽي آءِ جو حق آهي، مخصوص سيٽن تي عورتن کان حلف نه ورتو وڃي. دليل ٻڌڻ کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ميمبرن کان حلف نه ورتو وڃي جنهن کان پوءِ ٻڌڻي کي ملتوي ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے