welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بنون ۾ چڪرين دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، لکي مروت ۾ 2 ٽريفڪ اهلڪار شهيد

بنون:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي گڏيل ڪارروائي جي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 شڪي دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته لکي مروت ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ 2 ٽريفڪ اهلڪار شهيد ٿي ويا. ريجنل پوليس آفيسر سجاد خان جي بيان موجب پوليس ۽ سي ٽي ڊي تعلقي دومبل ۾ ڏوهارين جي خلاف گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن جي دوران ٻنهي طرفان 20 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته انهي جا ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ حسين احمد ۽ انعام عرف تورو جي طور تي ٿي آهي، جيڪي اتر وزيرستان جي علائقي حيدر خيل جا رهواسي هئا. پويلس آفيسر وجب اهي ٻئي دهشتگرد ڪيترن ئي وڏن حملن ۽ بم ڌماڪن ۾ ملوث هئا، پوليس واقعي واري هنڌان 2 اي ڪي 47 رائفلون، 4 هينڊ گرينيڊ، 6 ميگزين، 150 گوليون ۽ 2 موبائل فون هٿ ڪري ورتا. مارجي ويل دهشتگرد انعام ڪيترن ئي واقعن ۾ پوليس اهلڪارن تي حملي ۽ قتل جي 5 ڪيسز ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس کي گهربل هو جڏهن ته حسين احمد دهشتگردي جي 3 مختلف واقعن ۾ گهربل هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے