ڪراچي:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)سنڌ ۾ ڪورونا وبا جي دوران عارضي طور تي ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن جون نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن.
سنڌ جي صحت کاتي 79 ڏينهن جي معاهدي تي مقرر 279 ميڊيڪل آفيسرن، غير ايس پي ايس سي ڊاڪٽرن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي صحت کاتي موجب(سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن) ايس پي ايس سي کان سواءِ مقرر آفيسرن جي وڌيڪ ضرورت نه آهي. ڊاڪٽرن کي نوٽيفڪيشن جي ذريعي 30 جون کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language