اسلام آباد:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب گهٽ قيمت وارن گهرن جي تعمير لاءِ اسڪيم جي منظوري ڏني.
ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مارڪ اپ سبسڊي رسڪ شيئرنگ اسڪيم تحت مالي مدد فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ محمد اورنگزيب گهٽ قيمت وارن گهرن جي تعمير لاءِ اسڪيم جي منظوري ڏني ۽ هائوسنگ واري وزارت کي هڪ جامع ڊيٽابيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ناڻي واري وزارت موجب، ملڪ ۾ گهٽ قيمت وارن گهرن کي فروغ ڏنو ويندو، حڪومت 50 لک گهرن جي تعمير لاءِ سبسڊي فراهم ڪندي، ۽ 20 سالن جي عرصي لاءِ 20 کان 35 لک جو قرض فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اي سي سي جي اجلاس ۾ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو ويو ۽ عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جي باوجود عوام کي مڪمل رليف نه ملڻ تي خدشو ظاهر ڪيو ويو.
ان کان علاوه، شپ بريڪنگ ري سائيڪلنگ کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language