welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسحاق ڊار مارڪو روبيو سان ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي؟ آمريڪي پرڏيهي کاتي جو بيان سامهون آيو

واشنگٽن:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو خطي ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ ايران سان ڳالهين ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي تعريف ڪئي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي پاڪ-آمريڪي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، ايران سان ڳالهين ۾ ثالث جي حيثيت سان پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ۽ پاڪستان خطي ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته اسحاق ڊار-مارڪو روبيو ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. داعش خراسان خلاف گڏيل حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ-آمريڪا دهشتگردي جي خلاف ڳالهيون آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿينديون. پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. دار-روبيو اجلاس ۾ معدنيات ۽ مائننگ جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن تي به بحث ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪالهه پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات کان پوءِ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان آمريڪا سان واپار ڪرڻ چاهي ٿو، امداد نه، ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ آمريڪا سان واپاري معاهدو ڪيو ويندو. اسحاق ڊار اهو به چيو ته پاڪستان ڀارت سان سڀني معاملن تي ڳالهائڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير به شامل آهي، ۽ اسان دهشتگردي تي به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے