اسلام آباد:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير امير مقام مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس ملاقات ڪئي.
اڪرم دراني، مولانا لطف الرحمان، ڪامران مرتضيٰ، مولانا عطاءُ الرحمان ۽ مولانا اسد محمود پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه ۾ پارٽي جي پوزيشن ۽ 21 جولاءِ تي سينيٽ جي چونڊن تي به غور ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language