فيصل اباد:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) فيصل آباد ۾ هڪ آپريشن ۾ اربين رپين جي آن لائن مالي فراڊ جي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو آهي.
اين سي سي آءِ اي جي ترجمان موجب، آپريشن فيسڪو جي اڳوڻي چيئرمين جي رهائشگاهه تي ڪيو ويو. فيسڪو جي اڳوڻي چيئرمين جي رهائشگاهه تي هڪ ڪال سينٽر قائم ڪيو ويو هو. ڪال سينٽر تي عوام کي دوکو ڏئي پئسا گڏ ڪيا پيا وڃن.
ترجمان موجب، آپريشن دوران مالي فراڊ ۾ 149 ملڪي ۽ پرڏيهي فردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيلن ۾ 131 مرد ۽ 18 عورتون شامل آهن.
ترجمان موجب، جوابدار مختلف قسمن جي مالي ڏوهن ۽ فراڊ ۾ ملوث مليا آهن.
ترجمان چيو ته جوابدار پونزي اسڪيم تحت سيڙپڪاري جي بدلي ۾ ماڻهن کي بهترين واپسي جي آڇ ڪندا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language