welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يمن ويجهو جهاز تي ڊرون حملو، عملي جا 2 ميمبر مارجي ويا

صنعا:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)يمن جي ويجهو بحيره احمر ۾ هڪ جهاز تي ڊرون ۽ اسپيڊ بوٽ جي حملي ۾ عملدار جا ٻه ميمبر مارجي ويا ۽ ٻه ٻيا زخمي ٿي پيا. هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي جي مطابق، لائبيريا جي وفد گڏيل قومن جي اجلاس کي ٻڌايو ته لائبيريا جي پرچم واري جهاز 'ايٽرنٽي سي' تي ڊرون ۽ اسپيڊ بوٽ سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عملدار جا ٻه ميمبر مارجي ويا ۽ ٻه ٻيا زخمي ٿيا. نيوز ايجنسي موجب، جون 2024 کان پوءِ هي پهريون واقعو آهي جنهن ۾ بحر احمر ۾ ڪنهن ڪمرشل جهاز تي حملي ۾ عملو جا ميمبر مارجي ويا. هن واقعي سان 2023 کان وٺي بحر احمر ۾ جهازن تي حملن ۾ مارجي ويل عملي جي ميمبرن جو ڪل تعداد ڇهه ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪالهه حوثي باغين اعلان ڪيو هو ته اهي بحر احمر ۾ جهاز 'ميجڪ سيز' تي حملو ڪندا ۽ ان کي ٻوڙي ڇڏيندا، جڏهن ته حوثي باغين 'ايٽرنٽي سي' بابت ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے