welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بينڪ جي ريجنل نائب صدر جي ملاقات

اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بينڪ جي ريجنل نائب صدر عثمان ڊيون ملاقات ڪئي آهي. عالمي بينڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان جي ريجنل نائب صدر عثمان ڊيون وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان سان ڊگهي ڀائيواري تي عالمي بينڪ جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف خاص طور تي عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا ۽ پاڪستان جي لاءِ عالمي بينڪ جي اڳوڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهسين جو پاڪستان جي لاءِ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ترقي جي ترجيحات خاص طور تي توانائي، انساني وسيلن، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس اصلاحات جي شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم سنڌ طاس معاهدي جهڙي اهم عالمي معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي روشني ۾ پاڪستان جي جائز موقف جي لاءِ عالمي بينڪ جي اصولي حمايت جي تعريف ڪئي. هن عالمي قانون جي پاسداري، خوشحالي جي حصول ۽ علاقائي امن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ارادن جو اظهار ڪيو ۽ سمورن مسئلن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم 2022 جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي دوران عالمي بينڪ جي وقت تي فراخدلانه مدد تي ٿورو ادا ڪيو جنهن پاڪستان کي فوري امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ نئين سري سان تعمير ۽ بحالي جا قدم شروع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انهي موقعي تي عثمان ڊيون پاڪستان جي دوري دوران پرجوش مهمان نوازي تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪيو هن پاڪستان جي پراڻي ڀائيواري ۽ معيشت جي اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ هٿي ڏيڻ جي لاءِ عالمي بينڪ جي عزم جو ارادو ظاهر ڪيو. هن پاڪستان جي جاري ميڪرو اڪنامڪ بحالي جي تعريف ڪئي ۽ ملڪ کي مالياتي استحڪام ۽ پائيدار ترقي طرف کڻي وڃڻ تي وزيراعظم جي حڪومت جي تعريف ڪئي. هن خاص طور تي موجوده انتظاميه جي اصلاحاتي ايجنڊا جي تعريف ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي مصبوط قيادت کي اداره جاتي اصلاحات کي اڳيان وڌائڻ، سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ گڏيل اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم قرار ڏنو. ملاقات جي اختتام تي پاڪستان جي حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ طرفان ڊگهي مدي جي ترقياتي حدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جي تعمير لاءِ ايندڙ سالن ۾ ٻنهي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ گڏيل ارادن جو اظهار ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے