welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شاهه محمود قريشي ڪنهن به غيرقانوني احتجاج ۾ شامل ناهي ٿيو، 9 مئي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

لاھور:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي شير پائو پل ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ ڪيس جو 42 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي موجب جاچ ۾ سمورا جوابدار اهڙن واقعن ۾ ملوث هئا، جاچ آفيسر پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي سميت 6 جوابدارن جي خلاف شاهديون پيش نه ڪري سگهي، شاهه محمود قريشي سميت 6 جوابدارن کي بري ڪيو وڃي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو ته شاهه محمود قريشي ڪنهن به غيرقانوني احتجاج ۾ شامل نه ٿيو، اهو 9 مئي تي ڪراچي ۾ هو. فيصلي موجب پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، اعجاز چوڌري، ميان محمود رشيد سميت 9 جوابدارن جي خلاف ڪيس ثابت ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مختلف قلمن جي تحت هر ڏوهاري کي گڏيل طور تي 38-38 سال پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ٿي وڃي. ڏوهاري افضال عظيم، علي حسن، رياض حسين ضمانت تي هئا، جن کي حراست ۾ ورتو ويو، اهڙن ڏوهارين کي جيل اختيارين جي حوالي ڪيو ويو. عدالت هر ڏوهاري کي گڏيل طور تي 3-3 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ٿي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي ڏوهارين کي وڌيڪ سزا گذارڻي پوندي. ياد رهي ته اڱاري جي رات دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ محمودالرشيد سميت ٻين جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے