اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ملڪ ۾ برساتن جي دوران پيش ايندڙ حادثن ۾ وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب برساتن سبب 26 جون کان هينئر تائين سموري ملڪ ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 250 ٿي ويو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ 139 ٿيون، انهي کان علاوه مختلف حادثن ۾ زخمين جو انگ 611 ٿي چڪو آهي.
اين ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ برساتن جي دوران 24 ڪلاڪن ۾ 151 گهر ڪري تباهه ٿي ويا، 120 چوپايو مال به مري ويو. ٻئي طرف پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اڄ وڌيڪ تيز برسات جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب شهرين کي وڻ، بل بورڊز ۽ غير محفوظ تعميرات کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language