welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مهم هلائڻ باني جي پٽن جو حق آهي، ماڻهن کي ٻڌائين عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ملي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته مهم هلائڻ باني چيئرمين جي پٽن جو حق آهي، اهي ماڻهن کي ٻڌائين ته سندس والد کي ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ملي آهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف شاهديون موجود هيون، سي سي ٽي وي فوٽيج موجود هئا، اها خبر هئي ته انهن واقعن ۾ ڪير ملوث هو. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين پنهنجي حق ۾ ڪابه شاهدي پيش نه ڪري سگهيو، هي چون ٿا ته اسان مديني جي رياست جون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته اسان کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ٿي وئي، 190 ملين پائونڊز ڪيس جو جواب مذهبي نه آهي، نه ئي رياست مدينه آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته اوهان قوم کي ٻڌايو ته اوهان بزنس ٽائيڪون جا اربين روپيه ڪهڙي طرح استعمال ڪيا، باني چيئرمين جي پٽن جو حق آهي ته اهي ضرور مهم هلائين، اهي جتي وڃي رهيا آهن اتي ماڻهن کي ٻڌائين ته اسان جي والد کي 190 ملين پائونڊز ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ملي آهي. 190 ملين پائونڊز ڪيس جي فيڪٽ شيٽ گڏ کڻي وڃو ۽ جنهن سان به ملاقات ڪريو ته انهن کي ٻڌايو ته اهو ڪرپشن ڪيس آهي سياسي نه. هن چيو ته اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 190 ملين پائونڊز ڪيس سياسي ڪيس آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهو ڪرپشن جو ڪيس آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے