اسلام آباد:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.
ڪميٽي پاڪستان جي شوگر سيڪٽر ۾ اصلاحات ۽ نجڪاري لاءِ ڀروسي جوڳيون تجويزون جوڙيندي، توانائي وارو وزير ڪميٽي جو چيئرمين ۽ صنعت پيداوار جو سيڪريٽري ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو.
ناڻي وارو وزير، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق جو وزير ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير ڪميٽي ۾ شامل هوندا. جڏهن ته خاص مددگار، اڳوڻو سيڪريٽري رانا نسيم، ڪوآرڊينيٽر زراعت احمد عمر به ڪميٽي ۾ شامل هوندا. ڪميٽي قانون، پاليسين، کنڊ جي پيداوار، درآمد ۽ برآمد جو جائزو وٺندي.
ڪميٽي صارفين جي حقن ۽ واپاري گهرجن جي تحت پاليسي سفارشون به جوڙيندي. ڪميٽي صارفين جي تحفظ ۽ قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين کان بچاءُ لاءِ سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي 30 ڏينهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language