راولپنڊي:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)گمبٽ ڀرسان مسڪين پور وٽ نيشنل ھاء وي تي سکر کان سيوهڻ ويندڙ مسافر ويگن ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڏهن کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا آھن.
ويگن سکر کان سيوهڻ وڃي رهي هئي ته مسڪين پور وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي پوليس اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين ۽ فوتين کي گمس اسپتال منتقل ڪيو آهي فوت ٿيل مسافرن ۾ شمع بيگم، شبير ڀٽي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا شامل آھن پوليس موجب حادثو تيزرفتاري سبب ٿيو آهي
ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ ڪجھ زخمين جي حالت انتهائي نازڪ آھي ،زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language