
ڪراچي:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)لياري جي علائقي کهڊا مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت جي ڇهين ۽ پنجين منزل جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ادارا ۽ پوليس فوري طور تي پهچي ويا ۽ واقعي واري هنڌان ماڻهن کي هٽائي امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
امدادي اداري ايڌي موجب رهائشي عمارت جي ڇهين منزل، پنجين ۽ پنجين منزل ڇهين تي ڪري آهي، واقعي ۾ 2 عورتون فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته 3 عورتون زخمي آهن، فوت ٿي ويل هڪ عورت جي سڃاڻپ 45 ورهين جي حرمت رفيق جي نالي سان ٿي، جڏهن ته ٻئي جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. زخمين ۾ 40 ورهين جي سڪينه، 18 ورهين جي حاجره ۽ 22 ورهين جي جويريه شامل آهن.
ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا موجب بلال مسجد پشاوري هوٽل سان گڏ غني مينشن جي ڇهه ماڙ بلڊنگ جو 6 فلور پنجين منزل تي ڪريو، پوليس موقعي تي موجود آهي ۽ امدادي ڪم جاري آهي، 2 عورتن جا لاش ۽ 3 زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، فوت ٿي ويل عورتون پاڻ ۾ ڀينرون آهن. زخمين ۾ انهن جا ٻار شامل آهن جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ۽ ٻين کي حادثي جي جڳهه تي پهچي ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان انهي حادثي جي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سعيد غني چيو ته حادثو جنهن عمارت ۾ ٿيو آهي انهي جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language