رائونتي:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)رائونتي ڪچي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان چاچڙ ۽ ڪوش برادري وچ ۾ جهيڙو، ھڪ ڄڻو قتل، پنج ڄڻا زخمي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿي وئي.
رائونتي ٿاڻي جي حد زرعي زمين جي پراڻي تڪرار تان چاچڙ ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي.
ٻنهي ڌرين هٿن ۾ لٺيون، ڪهاڙيون، ۽ ٻين اوزارن سان ليس ٿي هڪ ٻئي تي حملو ڪيو. جهيڙي دوران صادق چاچڙ نالي شخص موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
جن کي تعلقه اسپتال اوٻاڙو منتقل ڪيو ويو، زخمين مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي رونتي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language