welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيرپور ناٿن شاھ: ڌاڙيل وڇون چانڊيو کي پوليس پاران مقابلي ۾ مارڻ جي دعویٰ

خيرپور ناٿن شاه:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا پوليس مقابلو، دهشت جي علامت بڻيل 50 لک انعامي آفته بدنام ڌاڙيل وڇون چانڊيو کي پوليس پاران مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي آھي. ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جو چوڻ آهي ته ڳجھي اطلاع تي پوليس ڪاڇي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو. جنهن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو مقابلي ۾ 55 ڪيس ۾ گهربل بدنام ڌاڙيل ملوڪ عرف وڇون چانڊيو مارجي ويو. پوليس موجب ڌاڙيل وڇون چانڊيو جو لاش دادو پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ دادو اسپتال آندو آھي. ڌاڙيل ملوڪ عرف وڇون چانڊيو قمبر ، لاڙڪاڻو ، دادو ، حيدرآباد ضلعن ۾ ڏوهي وارداتن ۾ ملوث رھيو آهي. جڏهن ته مارجي ويل ڌاڙيل جو تعلق قمبر شهداد ڪوٽ سان جي ڳوٺ ميرو خان سان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے