
ڪراچي:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)پي اي سي پاران سنڌ جي 8 اين جي اوز کي بليڪ لسٽ قرار ڏئي رجسٽريشن ۽ لائسنس رد ڪرڻ وارين ڏنل هدايتن تي عمل نه ٿيو، سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين هينڊز ۽ سرسو سميت 8 اين جي اوز جي رجسٽريشن رد نه ڪئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 2 ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي هينڊز، سرسو، آءِ بي اي ڪراچي، هيلٿ ايجوڪيشن لٽريسري پروگرام (هيلپ)، اينگرو فائونڊيشن، وومين اينڊ چلڊرين ميڊيڪل ڪيئر ٽرسٽ، ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ايسوسئيشن ٿرپارڪر سميت 8 اين جي اوز پاران 8 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي فنڊن جي خرچن سميت ٻيو آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي بليڪ لسٽ قرار ڏئي سندن رجسٽريشن ۽ لائسنس رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اهڙي حڪمن باوجود سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين ڄاڻايل 8 ئي اين جي اوز مان ڪنهن هِڪ اين جي اوز جي به رجسٽريشن يا لائسنس رد ناهي ڪئي، ان حوالي سان پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي احتساب ڪري ٿي، اسڪلڊ ليبر ( هنر مند) تيار ڪرڻ سميت ٻين مختلف منصوبن لاءِ اين جي اوز کي 8 ڪروڙ روپيا ڏنا ويا هئا، پي اي سي کي خرچ جو رڪارڊ گھربل آهي، ٽوٽل 16 اين جي اوز مان 8 اين جي اوز رڪارڊ ڏنو ، باقي 8 اين جي اوز جواب ناهي ڏنو، انهن جا لائسنس رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي آئيني باڊي آهي، انهي جا حڪم مڃڻ کان ڪو به کاتو انڪار ڪري نٿو سگھي. سوشل ويلفيئر کاتي کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو حڪم مڃڻو پوندو.
بيواهن کان ٽڪو وياج ناهي ورتو: سرسو جو چيلنج
ڪراچي: سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي ترجمان چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران سرسو کي بليڪ لسٽ ڪرڻ ۽ لائسنس رد ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل ڳالهيون غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته سرسو جو سي اي او ڊاڪٽر ڏتل ڪلهوڙو پڻ پي اي سي اجلاس ۾ موجود هو. پي اي سي پاران سي ڊي پي پروجيڪٽ فنڊنگ رڪارڊ ۾ چيو ويو آهي ته سرسو تي اڍائي ڪروڙ رهيل آهن، جيڪا رقم اصل ۾ 25 لک رپيا هئا. پي اي سي پاران اهو به چيو ويو آهي ته سرسو پڻ انهن 8 اين جي اوز ۾ شامل آهي، جن رڪارڊ جمع نه ڪرايو. جيڪو حقيقتن کي ٽوڙڻ ۽ سرسو تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي. اسان جو ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي. ترجمان موجب سرسو ۽ سنڌ حڪومت ۾ 2014 ۾ سي ڊي پي بابت معاهدو ٿيو هو. ان وقت ڊي ڊي پي بورڊ جو چيئرمين جسٽس ناصر اسلم زاهد هو، بورڊ ميمبرن ۾ شفيق پراچا، نثار صديقي جهڙا ماڻهو شامل هئا. انهن ماڻهن جي سامهون ڪا به مالي بي ضابطگي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ ترجمان موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي 10سال پراڻي منصوبي جا تفصيل طلب ڪري رهي آهي، جنهن جو انهن اڳ ۾ ئي آڊٽ ڪيو آهي، جيڪڏهن اجلاس ۾ پڇيو وڃي ها ته پي پي آر پي، سي ڊي پي سان لاڳاپيل تفصيل ٻيهر جمع ڪرايا وڃن ها، پر اهو نه ڪيو ويو. ترجمان موجب پي اي سي 38 ڪروڙ رپين جي پراجيڪٽ وارو مامرو اٿاريو، سرسو پي اي سي سان تعاون ڪندي تفصيلن بابت آگاهي ڏني. 2017 کان 2025 تائين منصوبي جي عرصي دوران بينڪ اڪائونٽس ۾ 32 ڪروڙن رپين جو وياج موجود آهي. پي اي سي جي پريس رليز ڏيکاري ٿي ته سرسو مالي بي ضابطگيون ڪيون آهن جيڪا ڳالهه صحيح ناهي. ترجمان موجب پي اي سي ڄاڻايو ته سرسو بيواهن کي بنا وياج قرض ڏيڻ واري ڪميونٽي انويسٽمينٽ فنڊ (سي آءِ ايف) تي 8 کان 10 سيڪڙو سروس چارجز ( وياج ) وصول ڪري رهيو آهي، جيڪو حقيقتن کجي ابتر آهي. سرسو چيف پي اي سي کي واضح طور تي يقين ڏياريو هو ته سي آءِ ايف فنڊز لاءِ بيواهن کان سروس چارجز جي ڪا به وصولي نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪئي ويندي. سرسو ترجمان چيلنج ڪيو آهي ته پاڪستان يا دنيا ۾ ڪو به غير جانبدار ادارو سي آءِ ايف تي وياج وٺڻ بابت سنڌ جي ٻن لک کان وڌيڪ فائديمند بيواهن کان جاچ ڪري سگهي ٿو،
0 تبصرے
Do not use vulgar language