welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان فلسطينين تي غير انساني صيهوني ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهندو: وزيراعظم

اسلام آباد:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف فلسطينين تي ٿيندڙ اسرائيلي ظلمن خلاف پنهنجا خيال ظاهر ڪيا ۽ چيو ته پاڪستان فلسطينين تي ٿيندڙ غير انساني ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته پاڪستان فلسطينين تي ٿيندڙ غير انساني ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهندو، غزه ۾ کاڌي پيتي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو ۽ پاڪستان صيهوني ظلمن جو شڪار معصوم فلسطينين کي سفارتي ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪندو رهندو. ان کان علاوه، وزيراعظم الخدمت فائونڊيشن جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته الخدمت فائونڊيشن ملڪ گير مهم هلائي غزه تائين امدادي سامان جي پهچائڻ کي به يقيني بڻايو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته فلسطيني اڳواڻن ساڻس رابطو ڪيو آهي ۽ وزيراعظم کي اپيل ڪئي آهي ته جنگ بندي ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ خوراڪ جي امداد فراهم ڪرڻ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے