ليما:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)پيرو ۾ مسافر بس جي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 18 ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حادثو پيرو جي اينڊس علائقي ۾ پيش آيو، جتي هڪ مسافر بس جي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 18 ماڻهو فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا.
مقامي اختيارين موجب، بس ۾ 60 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا ۽ بس راڄڌاني ليما کان لا مرسڊ وڃي رهي هئي ته هڪ تنگ ۽ پيچيده روڊ تي ڪري پئي.
فوتين ۾ ٻه ٻار به شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب، حادثي جا سبب اڃا تائين ظاهر نه ٿيا آهن، پر ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language