welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پير وسڻ: پوليس جو ڪارنامو ٽن ورهين جي ٻار تي ڪيس داخل

پیر وسڻ:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)پوليس جو ڪارنامو ٽن ورهين جي ٻار تي زمين تي قبضي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پيروسڻ پوليس ٽن ورهين جي معصوم ٻار جو نالو ايف آءِ آر ۾ ڏئي ڇڏيو. پير وسڻ جي ڳوٺ پنجل شر واسي ٽن ورهين جي ٻار افتخار پٽ غلام سرور شر تي ٻين سان گڏ ھن ٻار تي پڻ زمين تي قبضي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ايف آءِ آر جي ۾ ڄاڻايو آھي ته افتخار ولد غلام سرور شر پسٽل ساڻ ڪري ٻين ساٿين سان گڏ جي اٺ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آھي. جڏھن ته ڄاڻايل نينگر جي وڏي ڀاءُ رجب شر چيو ته پير وسڻ پوليس رشوت نه ڏيڻ تان معصوم ٻار سميت ٻين تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته اسان کي اھڙي ڪنھن ايف آءِ آر جي خبر ناھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے